اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل ??هيني شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کانپوءِ سيڪا سربراهي اجلاس ۾ اسان جو ڌيان پاڪستان جي توانائي، واپ??ر ۽ علائقائي رابطن تي رهيو، وچ ايشيائي رياستن سان گهرا رابطا اسان جي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي مقصد آهي، اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جيڪا عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ متاثر ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي پنهنجي پنهنجي اهمي?? آهي جن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل ??فاد ۾ آهي. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان گهرو تعلق اسان جي حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل ??فاد ۾ آهي. اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جنهن کي عمران خان پنهنجي حڪومت جي دور ۾ نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سيڪا سربراهه اجلاس ۽ ايس سي او اجلاس ۾ توانائي، واپ??ر ۽ علائقائي رابطن تي پاڪستان جو ڌيان رهيو. عالمي اڳواڻن سان ملاقات ۾ پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي پيش ڪري رهيو آهيان.