اسلام آباد – 04 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته ترڪيه سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ??اڪ??تان جي مدد ڪئي آه??، ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ هلال احمر جي خيرسگالي سفير اسماعيل حقي ترنڪ ۽ ??اڪ??تان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي تي ٻڌل ترڪي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاران يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو ۽ چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال وانگر تازي ٻوڏ کانپوءِ به ترڪيه ??اڪ??تان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آه??، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جون ٽرينون موڪلڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آه??ون. هن چيو ته ترڪيه پاران امدادي ڪاررواين جي لاءِ موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آه??. اسماعيل حقي ترنڪ ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مڪمل مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته اهي امدادي سامان ۽ خدمتن جي فراهمي ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي ترڪ هلال احمر جا ٿورا مڃيا.