ڪوئيٽه-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان جو ??ول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريلف آپريشن جاري آهي. هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ بلوچستان جي وڏي آباديءَ کي بُريءَ طرح متاثر ڪي?? آهي ۽ ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ روڊ رستا پڻ متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي متاثرن جي خدمت ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. ريسڪيو ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري مختلف هنڌن تي منتقل ڪي?? آهي. ڪوئيٽه جي علائقي نوان ڪلي ۾ 11 ماڻهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل هئڻ جو اطلاع ملڻ تي پاڪستان آرمي ايوي ايشن انتهائي خراب موسم ۽ تيز برسات دوران انهن ماڻهن کي ريسڪيو رڪي محفوظ ماڳ تي منتقل ڪي??. ڪوئيٽه ۾ لاڳيتي برسات سبب متاثر ٿيل ڪي??ٽ جي ڀرپاسي جي متاثرن کي پوليس لائن ڪوئيٽه ڪي??ٽ ۾ منتقل ڪري کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون مهيا ڪي??ن ويون. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان ڪوئيٽه، مسلم باغ، چمن، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، لهڙي، نصير آباد، بيله، اوٺل ۽ جعفر آباد جي علائقن ۾ رليف ڪي??پس قائم ڪري پڪل کاڌو ۽ ٻيون شيون بسترا فراهم ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوئيٽه، مسلم باغ، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، دوبندي، لهڙي، سدوري، ارا جي ضلعن لسٻيلا جي مختلف هنڌن تي فري ميڊيڪل ڪي??پون قائم ڪري مفت علاج لاءِ سهولتون مهيا ڪي??ن پيون وڃن ۽ روڊ رستن جي جلد بحاليءَ لاءِ ??ول انتظاميه ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان شاهراهن ۽ پُلن جي مرمت جو ڪم پڻ تيزيءَ سان جاري آهي، حب باءِ پاس شاهراهه کان بيله تائين 6 ٽريفڪ مئنجمينٽ ٽيون مقرر ڪي??ن ويون آهن، جڏهن ته آر سي ڊي شاهراه کي هر قسم ج?? اچ وڃ لاءِ کوليو ويو، ميري ۽ لاکڙا روڊ سبي تارکني روڊ جيڪو لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ڪ??ا ويا هئا ٽريفڪ لاءِ کول??ا ويا آهن. لنڊا پل ۾ پاڻيءَ جي گهٽ سطح هئڻ تي مرمت جو ڪم شروع ڪي?? ويو آهي. جنهن کي جلد ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ رات ڏينهن مصروف آهن.