اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شع??ي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم ??ڻي رهي آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃ??. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃ?? رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.