ڪراچي -14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي، ته تقرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکارڻ باوجود عمران خان هر تقرير ۾ چينلن کي ويڪائو چوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صوبائي وزير چيو آهي، ته مان حيران آهيان ته هر چينل فتني خان جي تقرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکار??ند?? آهي، ان باوجود هي شخص انهن چينل?? خلاف هر تقرير ۾ ڳالهائ??ند?? آهي ۽ کين ويڪائو چوندو آهي، لفافن وٺڻ وا??و چوندو آهي، پر ڪو به چينل ان تي اعتراض ناهي ڪندو.