اس??ام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي آزادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس اينڊ ڪلچر ايم سي آئي، سي ڊي اي جي اهتمام هيٺ اڄ جمعي ڏينهن 10 هزار چورس فٽ جو جهنڊو ٺاهيو ويندو جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار ٻار حصو وٺندا. ايم سي آئي جي اسپورٽس اينڊ ڪلچر شعبي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اس??ام آباد/ ايڊمنسٽريٽر، ايم سي آئي عرفان نواز ميمڻ خاص مه??ان هوندو. اها تقريب اڄ جمعي ڏينهن 12 آگسٽ تي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايف نائين پارڪ، گيٽ نمبر 4، اس??ام آباد ۾ ٿيندي. ٻئي طرف 14 آگسٽ 2022ع تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي حوالي سان انتظامن جو جائزه اجلاس خميس ڏينهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل (اي ڊي سي جي) اس??ام آباد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فائنل سي??يورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايس پي ٽريفڪ، اسپيشل اينڊ سي??يورٽي برانچ ڪي ڊي ايس پيز، اي سي سي??ريٽريٽ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.