اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري سبينو سڪندر جلال معاشري مان منشيات جي ??عنت جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۽ ميڊيا جي ذريعي عوام ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه انفارميشن سر??س اڪيڊمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي ڊي جي انفارميشن سر??س اڪيڊمي سعيد جاويد ۽ قومي خابرو اداري اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي به خطاب ڪيو، سيمينار ۾ انفارميشن گروپ جي زير تربيت آفيسرن منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون پريزينٽيشنز ڏنيون، سبينو سڪندر جلال چيو ته انفارميشن آفيسر ميڊيا ۾ منشيات جي ??عنت جي ??سئلي کي اجاگر ڪندي ان جي روڪٿام ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته منشيات جو استعمال گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي سوسائٽي جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 435 بلين ڊالرز جي ??اليت جي ??نشيات جو غير قانوني ڪاروبار ٿي رهيو آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪ ان جي روڪٿام لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته منشيات کي روڪڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان جي طلب کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي خراب اثرن جي باري ۾ آگاهي به پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان هڪ پاڙيسري ملڪ ۾ افيون جي ??ڏي مقدار ۾ پوک ڪئي ويندي آهي، پاڪستان کي يورپي ملڪن ۾ ان جي اسمگلنگ لاءِ راهداري جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ان جي روڪٿام لاءِ 35 ايجنسين جنهن ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا شامل آهن کي اختيار سونپيا ويا آهن، هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان انفارميشن آفيسر طور منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پيغام کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين موثر انداز ۾ پهچائي سگهو ٿا. اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي جج طور فرض سرانجام ڏيندي مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي تقريرن جو جائزو ورتو ۽ ڪامياب ٿيندڙن جو اعلان ڪيو، هن ڪامياب ٿيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي تقريرون ۾ سدائين حقيقي انگن اکرن جو حوالو ڏين، ڊي جي انفارميشن سر??س اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته مستقبل جي ??يڊيا مينيجرز جي حيثيت سان انفارميشن آفيسرن کي معاشري جي ??سئلن ??ي باري ۾ بهتر طور تي آگاهي هجڻ گهرجي، هن خصوصي مهمان جو ٿورو ادا ڪندي مقابلي ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني.