اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آ??ي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دن??ا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇ??يو آ??ي، پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪيو پيو وڃي، قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گوگل ماهرن جي وفد سان ڳالهائيندي ??يو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽيڪ ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آ??يسر ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته قو??ي اسيمبلي جي ڊجيٽلائيزيشن سان ميمبرن ۽ اسٽاف جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ڊجيٽلائيزيشن سان اسيمبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ته قو??ي اسيمبلي ۾ گوگل آفيس متعارف ڪرائن سان ڏکڻ ايشيا جي پهرين پيپر ليس پارليامينٽ ٺهي ويندي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ گوگل آفيس پارليامينٽ جي ماحول کي تبديل ڪري ڇ??يندي. ڊجيٽلائيزيشن جي منظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دن??ا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇ??يو، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ان موقعي تي سي اي او ٽيڪ ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪ ويلي پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جيڪا گوگل پارٽنر آهي، قو??ي اسيمبلي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊجيٽلائيزيشن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آ??ي.