اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي آمريڪا سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، آمريڪي ڪمپني?? جي پاڪستا?? جي وڏي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، خطي ۾ ام?? جي فروغ لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، ڀارت گڏيل قوم?? جي قراردادن تي عمل ڪري ۽ عالمي برادري پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون سان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپ?? جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تاريخي، پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپ?? جي ويجهي حصيداري جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ قائم ٿيندڙ مختلف مڪالما وا??ار?? سيڙپڪاري، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، صحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ اسا?? جي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? جي اقتصادي ۽ آبادياتي صلاحيت جي ڪري آمريڪا جي ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن ??ار??ن پاڪستا?? جي وڏي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪمپني?? جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ معاهدي جي وزارتي اجلاس منعق?? ڪرڻ ۽ انهي سال ڪاروباري موقعا ڪانفرنس منعق?? ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته هي سال پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? جي 75 هين سالگرهه جو سال آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ان تاريخي موقعي کي ڀرپور طريقي سان ملهائيندا جنهن سان ٻطرفن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي وڌيڪ دور?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جي حوالي سان وزيراعظم حضور صه جي شان ۾ گستاخانا ڪلم?? جي مذمت ڪئي جن سان مسلمان?? جي جذبن کي سخت ٺيس پهتي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين پائمالي ڪري رهيو آهي. خطي ۾ ام?? جي فروغ لاءِ پاڪستا?? جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. هن عالمي برادري کي چيو ته اها پنهنجي اخلاقي ۽ اصولي ذميواري پوري ڪري ۽ ڀارت گڏيل قوم?? جي قراردادن تي عمل ڪري. وزيراعظم آمريڪا جي عوام ۽ حڪومت کي ا?? جي 246 هين آزادي جي ڏهاڙي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير افغانستان مان انخلا جي سهولت جي لاءِ پاڪستا?? جي فوري ۽ موثر مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون سان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۾ مدد ملندي جنهن ۾ تازي زلزلي سان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. آمريڪي سفير وزيراعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا جي عزم کي ورجايو.