اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سياست جي آڙ ۾ قانون جي رکوالن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ صرف لاقانونيت ۽ غنڊه گردي آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن عمران خان جي 2014ع جي تشدد ۽ انتشار جي ??ڊيوز جاري ڪندي چيو آهي ته خوني مارچ جا منظر اهڙا هوندا. هن چيو ته ??وم کي سياست ۾ تشدد جي ??ذمت ڪرڻي پوندي، ??وم نه وساري ته هي اهو فسادي ۽ فتني باز جٿو آهي جيڪو ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انتشار پکيڙڻ اچي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان 9 آگسٽ 2014ع تي چيو هو ته اسان جو لانگ مارچ اسلام آب??د طرف پرامن رهندو ۽ پوءِ هن 126 ڏينهن پاڪستان ۾ سول نافرماني ڪئي، ماڻهن کي انتشار تي اڪسائڻ، بجلي جا بل ساڙڻ، هُنڊي سان پئسا موڪلڻ ۽ ماريو، جلايو جو فساد عوام ڏٺو، ??وم کي سياست ۾ فساد ۽ انتشار جي ??ذمت ڪرڻ گهرجي.