ڪراچي – 10 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وف??قي ??زي?? شازيه عطا مري چيو آهي ته اڳوڻي ??زي?? اعظم عمران خان جي ادارن کي نشانو بڻائڻ واري حڪمت عملي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي ادارن کي نشانو بڻائڻ واري پاليسي جي نه مخالف ڌر ۾ ھوندي حامي رھي ۽ نه ئي وري ھاڻي حڪومت ۾ ھوندي ان جي حامي آهي ـ اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. وف??قي ??زي?? شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران خان ادارن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اپ??زي??ن کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ عمران خان کلي سياست ڪري، اسان سياسي انتقام وٺندڙن مان نه آهيون. وف??قي ??زي?? وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ اشتعال ا??گيزي، نفرت ۽ تعصب کي هٿي ڏئي ڪري به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندو. اي پي پي/ ص – ع / م – ش 20:35