اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سا?? ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ا?? موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سا?? همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جم??ل جي دعا ڪئي. صدر حوالدار طارق يوسف، سپاهي اعجاز حسين، سليمان وقاص جي گهرڀاتين سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي وق??ر احمد، محمد جواد ۽ ارشد علي جي پونئيرن سا?? پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سا?? پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ميجر شجاعت حسين ۽ سپاهي عمران خان جي پونئيرن سا?? پڻ تعزيت ڪئي.