اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري، ??شم??ري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين ج?? ازالو نه ٿو ٿئي. پرڏيهي وزارت ۾ ڄمون ۽ ??شم??ر تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني وقار جي لاءِ اهم آهي، بدقسمتي سان ڄمون ۽ ??شم??ر جي ماڻهن کي اڃا تائين ان ناقابل تنسيخ حق تائين پهچ حاصل ناهي ٿي سگهي، ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ??شم??ري گذريل 70 سالن کانوڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي قانون جي بنيادي اصولن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي کي منهن ڏيندي ??شم??ري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جهنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين ج?? ازالو نه ٿو ٿي وڃي، انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون، اخلاقي ڏيوالپڻو ۽ خوفناڪ ظلم اڄ ڄمون ۽ ??شم??ر تي ڀارتي قبضي جي حقيقت کي نمايان ڪ?? ٿا. 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي ف??جي?? جي موجودگي ??شم??ر جي جنت نظير واديءَ کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن کانپوءِ رياستي ڏاڍ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي جڏهن ته وحشياڻي فوجي گهيراءُ، بٽي لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وبا جي ڪري اضافي پابندين انهن مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عالمي قانون ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي ذريعي ??شم??ر ۾ مسلمان اڪثريت کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هيستائين 4.2 ملين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جن جو تعلق ??شم??ر سان نه آهي. هن چيو ته ??شم??رين جي خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي انساني حقن جي صورتحال بابت وڌندڙ عالمي خدشن کي وڌيڪ هوا ڏني آهي، والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي خصوصي، آزاد انساني حقن جي مبصرن ۽ عالمي ميڊيا کي والاريل علائقي تائين پهچ ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ زميني صورتحال جي آزاداڻي جائزي کان بچي سگهي.