اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، بطور اڳوڻي وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي کي عمران خان جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها پر اخلاقيات ۽ (ن) ليگ ٻه جدا جدا شيون آهن. ش??هد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عوام جي ريليف تي به ڪاوڙيل نظر آئي، (ن) ليگ جي اصل ايجنڊا آهي ڪهڙي؟. فرخ حبيب چيو ته اڄ اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ادارن کي تباهه ڪرڻ جو ??ميازو ڀوڳي رهيا آهيون، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ذميوار (ن) ليگ آهي، اسان جي ڪوششن سان اهو ??هٽ ٿيو آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي مصنوعي ڪيپنگ ڪئي. هن چيو ته پيڪا قانون (ن) ليگ جو ٺاهيل آهي، موجوده حڪومت ته رڳو سزائون واضح ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جا ڪرپٽ ترين ماڻهو (ن) ليگ جو ??صو آهن، جيڪڏهن سياست ۾ ڪ??هن کي بيساکي جي ضرورت آهي ته اها نواز شريف ۽ شهباز شريف کي آهي، در در جا ڌڪا کائيندڙ مخالف ڌر جي هڪ ئي خواهش آهي ته ا??هن کي ڪ??هن به طرح اين آر او ملي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني چورن کي ا??هن جي انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو.