اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سينيٽ چيئرمين جي گهر ويو ۽ سينيٽر چيئرمين صادق سنجراڻي سان سندس ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظها?? ڪيو، ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زاده زين قريشي به پرڏيهي وزير سان گڏ هو، پرڏيهي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فا??حه خواني ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.