اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت مسلم ليگ (ن)) جي حڪومت?? دور جي 411 ملين روپيا ف?? ڪلوميٽر جي مقابلي ۾ گهٽ ڪري 172 ملين روپيا ف?? ڪلو ميٽر ڪرڻ ۽ روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پنهنجي حڪومت?? دور جي ڀيٽ جو چارٽ جاري ڪندي چيو ته مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي شفافيت ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪري چار لائين واري هاءِ وي جي لاڳت تي قومي خزاني کي مسلم ليگ ن جي حڪومت?? دور جي مقابلي ۾ وڏي بچت ٿي آهي، ان کانسواءِ گذريل دور جي مقابلي ۾ ساڍا ٽن سال ج?? دوران روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 81.78 ارب روپين کان وڌي 184.14 روپيا ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ 5.18 ارب روپين جي ماليت جي زمين قبضن کان آجي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اها ڪاميابي ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضا??ي جي باوجود حاصل ٿي آهي، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ج?? دور ۾ چار لائين واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 17 ڪروڙ 20 لک روپيا ف?? ڪلوميٽر ٿي وئي آهي جيڪ?? مسلم ليگ (ن) جي 2013ع کان 2018ع جي حڪومت?? دور ۾ 41 ڪروڙ 10 لک روپيا ف?? ڪلوميٽر يعني 138 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. هن ٻڌايو ته چار لائينن واري موٽر وي تي مسلم ليگ ن ج?? دور ۾ لاڳت 60 ڪروڙ 60 لک روپيا هئي ۽ پي ٽي آءِ ج?? دور ۾ اها لاڳت 53 سيڪڙو گهٽ ٿي 38 ڪروڙ 50 لک روپيا ٿي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن ج?? دور ۾ روڊ جي بحالي تي 8 ڪروڙ هڪ لک روپيا ف?? ڪلوميٽر لاڳت آئي جڏهن ته پي ٽي آءِ ج?? دور ۾ اها لاڳت گهٽجي 5 ڪروڙ 30 لک روپيا رهجي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن ج?? دور ۾ پهرين ساڍا ٽن سالن ۾ روينيو وصولي 8 ڪروڙ 17 لک روپين کان وڌيڪ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي انهي عرصي ۾ اها وصولي 18 ڪروڙ 41 لک روپين کان ٽپي وئي آهي جيڪو 125 سيڪڙو اضافو آهي.