اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته ايشيا ۾ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي پاڪستان ۾ ٿي آهي، اسٽارٽ اپس ۾ 30 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري اچي چڪي آهي، معيشت کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن پر انهن مان سرخرو ٿي رهيا آهيون، نوجوان نوان آئيڊياز تحت ڪاروبار لاءِ بئنڪن کان 10 لک روپين تائين قرض وٺي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير عالمي اسلامي يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن موجوده حڪوم?? نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ۽ ملڪي ترقي ۾ شامل ڪرڻ تي خصوصي ڌ??ان ڏئي رهي آهي. فرخ حب??ب چيو ته نوجوان نون آئيڊياز تحت ڪاروبار لاءِ بئنڪن کان 10 لک روپين تائين قرض وٺي سگهن ٿا. ٻي سليب تح?? نوجوان اڍائي ڪروڙ روپين تائين جو قرض به وٺي سگهن ٿا. فرخ حب??ب چيو ته آءِ ٽي جي برآمدات وڌائڻ تي خصوصي ڌ??ان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته نون آئيڊياز تح?? نوجوان گهر ويهي آءِ ٽي جي ذريعي ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، 2018 ۾ آءِ ٽي برآمدات 80 ڪروڙ ڊالر هئي جنهن ۾ هاڻي نما??ان اضافو ٿيو آهي. فرخ حب??ب چيو ته تعميرات جي شعبي کي مراعتون ڏنيون ويون ان شعبي لاءِ هڪ هزار ارب روپيا منظور ٿي چڪا آهن، مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته تعميراتي صنعت جي ترقي سان 120 ڳنڍيل شعبا هلندا آهن. هن چيو ته گهٽ لاڳت گهرن لاءِ 100 ارب روپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن. ممڪلتي وزير چيو ته ايشيا ۾ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي پاڪستان ۾ ٿي آهي. اسٽارٽ اپس ۾ 30 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري اچي چڪي آهي، فرخ حب??ب چيو ته ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، مملڪتي وزير چيو ته احساس پروگرام تحت مستحق 2 لک ٻارن کي اسڪالشپس ڏنيون ويون آهن. معيشت کي ڪيترائي چئلينج آهن پر انهن مان سرخرو ٿي رهيا آهيون.