اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري جي صبح اسلام آباد ??هچي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد ش??زاد ??حمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دوري جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، وزيراعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن سعودي ولي عهد ش??زاد ??حمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دوري جي م??قعي تي وزيراعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ ن??افل ادا ڪيا، هن عمري جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.