اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پ?? پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پن??نجي بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي ??ن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضروري کاڌي پ??تي جي شين جي پ??داوار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پرائيم منسٽر ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکيا آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي ??د ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پ??داوار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي ??ارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کنيا آهن ته جيئن مختلف ضروري شين جي پ??داوار ?? واڌ ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ته ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي ??لندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪمند جي پ??داوار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. چانورن جي پ??داوار جو ڳاڻيٽو 8.84 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مڪئي جي پ??داوار جو ڳاڻيٽو 9 ملين ٽن، مڱيرا 268 هزار ٽن آهي، جيڪو گذريل سال جي ??قابلي ۾ ترتيبوار 27 ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بصر جي پ??داوار هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت ضروري شين جي ??يمتن جي ??گرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جيئن قيمتون مستحڪم رهن.