اسلام آ??اد – 07 – آڪ??وبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرز جي صلاحيتن جي پوري دنيا متعرف آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار انصاف ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر مد??ر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز ڊاڪٽر فيصل ??لطان ۽ خيبرپختونخوا جي صحت ۽ روينيو وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مد??ر وزيراعظم کي ڊاڪٽرن جي انٽري ٽيسٽ ايگزام (ايم ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لائيسينسنگ ايگزام (اين ايل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر فيصل ??لطان کي ترجيحي بنيا??ن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.