اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن ا??ارٽي تحت گهٽ قيمت هائوسنگ جي جاري منصوبن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب پاڪستان تحت بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جاري منصوبن کي مق??ر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.