اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يش?? ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمر شريف سڄي عمر ڪروڙين انسانن جي چهرن تي خوشيون پکيڙڻ جو سبب رهيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري پنهنجي تع??يتي پيغام م پرڏيهي وزير چيو ته مرحوم عمر شريف جي فني خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. مخدوم شاهه محمود ق??يش?? مرحوم جي پونئيرن سان دلي تع??يت جو اظهار ڪيو ۽ عمر شريف جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ??ئي.