اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته الي??شن ڪميشن ۾ پارٽي ف??ڊز جي جاچ پڙتال لاءِ درخواستن جو ج??د فيصلو ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جو اجلاس به نه ٿيو ۽ نه ئي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي پارٽي فنڊنگ جاچ پڙتال جي لاءِ طلب ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي آخري ??ڌڻي تي جيڪو رڪارڊ پيش ڪيو ان ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا جمع ڪرايل اڪائونٽس جعلي آهن، الي??شن ڪميشن آئيني ادارو آهي، ان جو احترام ڪريون ٿا پر الي??شن ڪميشن کي ايڪٽ آف پارليامينٽ موجب چونڊون ڪرائڻيون آهن، الي??شن ڪميشن وٽ اڪائونٽس جي جاچ پڙتال جو ڪيس هلي رهيو آهي، الي??شن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي ٺاهي جنهن جا بي شمار اجلاس ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مطالبو آهي ته مخالف ڌر سان ٿيندڙ معاهدو ميڊيا سان به شيئر ڪري ڇو ته مخالف ڌر معاهدي ڪري ڦري ??يندي آهي. هو الي??شن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.