اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مس??حق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي ذريعي جانچ پ??تال کانپوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فهرست مان 0.85 ملين غير مس??حق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شام?? هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول صاحب، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪ??ي وئي.