اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? پاران مديني جي رياست جي ??يز?? تحت سادگي ۽ ڪف??يت شعاري جي قدمن جي ذريعي وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي واعدي موجب مالي سال 2020ع ۾ وزيراعظم آفيس جي روز مره (آپريٽنگ) خرچن جي مد ۾ نمايان گهٽتائي آندي وئي آهي. وزيراعظم عمران خا?? اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين ۽ وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ وقت وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪف??يت شعاري جي ڏس ۾ مثال قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم عمران خا?? عوام کان ٽيڪس جي صورت ۾ حاصل ڪيل قومي ناڻي جي تحفظ لاءِ نه رڳو وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو پر عوام جي پئسن جي ممڪن تحفظ لاءِ ٻين حڪومتي عهديدارن جي لاءِ به ??ڪ مثال قائم ڪيو جنهن جي تصديق مالي سال 20 -2019ع جي بجيٽ ۽ ناڻي واري وزارت جي دستيا??يز?? مان به ??ي رهي آهي، بجيٽ ۽ سرڪاري دستا??يز?? موجب وزيراعظم آفيس جي لاءِ آپريٽنگ خرچن جي مد ۾ مالي سال 2020ع ۾ 218 ملين روپيا مختص ڪيا ويا هئا، تنهن هوندي به ڪف??يت شعاري جي اصولن تي ڪاربند رهندي ڪل خرچن جو ڪاٿو 46 ملين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو مختص ڪيل بجيٽ کان گهڻو گهٽ آهي. عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيل پئسن جو موثر ۽ بامقصد استعمال جي ذريعي سفر ۽ ٽرانسپورٽ خرچن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي بچت ڪئي وئي آهي.