اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان ملاقات ۾ م??هو?? سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وز??راعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وز??راعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وز??ر خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وز??راعظم منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وز??راعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وز??راعظم عمران خان جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.