اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ??ير ملڪي سيڙپڪارن، ملڪي ڪمپنين ۽ تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي ته جيئن اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب جو سبب بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خ??وصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ??ي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان اٿارٽي ??ان پاڪستان ۾ قومي انوويشن سسٽم جي فروغ ۾ مدد ملندي، ان اٿارٽي ??و خصوصي اختيار ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام ۾ اهم قائداڻو ڪردار هوندو، اهي زونز پاڪست??ن جي هاءِ ٽيڪ برآمدات ۾ اضافو ۽ دنيا جي وڏي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مرڪز کان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو سبب هوندا. وزيراعظم چيو ته انهن زونز جي ذريعي جامع ڪوششون ۽ جامع قومي ترقي ۽ پاڪست??ن جي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي استعمال ۾ مدد ملندي.