اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي ??والي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او ??ي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 وي??ٽي??يٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 435 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 1 مريض گهر ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽي??يٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ??ناسب جي لحاظ کان ملت??ن ۾ 42 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 39 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 369 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 461، پنجاب ۾ 14 هزار 804، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 581، اسلام آباد ۾ 4 هزار 492، بلوچست??ن ۾ 500، گلگت بلتست??ن ۾ 312، آزاد ڪشمير ۾ 219 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 53 هزار 828 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچست??ن ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽي??يٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وي??ٽي??يٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 300 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ??يڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 124 آهي.