اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت مو??عي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن ??يڪو هر سال حضرت عيسيٰ جي يوم پيدائش جي مو??عي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. ان مو??عي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن ??سان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروع??ت، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ?? ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو.