اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي غيور عوام پ??ڪس??ان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪيو ته اه?? سياسي بصيرت رکندڙ باشعور ماڻهو آهن جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجود مخالف ڌر جو جلسن تي اصرار انهن جي عوام دشمني جي عڪاسي آهي. پي ڊي ايم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام وزيراعظم عمران خان جي اپيل تي نه رڳو پاڻ کي ڪو??ونا ??ان محفوظ رکيو پر پي ڊي ايم جي عوام دشم?? ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختونخواهه جي عوام جو مخالف ڌر تي عدم اعتماد جو واضح اظهار آهي.