اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گستاخانا خاڪن جي حوصلا افزائي سان اسلام ۽ اسان جي پيغمبر صه کي نشانو بڻايو پيو وڃي، صدر رامانوئل ميڪرون جي اسلام کي سمجهڻ کانسواءِ نشانو بڻائڻ جي عمل يورپ ۽ سڄي دنيا جي لکين ??سلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري هڪ پ??غا?? ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ ليڊر جي سڃاڻپ اها آهي ته هو ماڻهن کي متحد ڪندو آهي. نيلس?? منڊيلا ماڻهن کي ورڇ ڪرڻ بدران انهن کي متحد ڪيو، هي وقت آهي ته صدر رامانوئل ميڪرون وڌيڪ ورڇ بدران انتهاپسندي کي روڪي.