اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي واضح هدايتن تي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي پ??ڪس??ان سٽيزن پورٽل، ڪامياب جوان پروگرام جهڙن قدمن ذريعي معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عوامي خدمت جي انهن قدمن سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا ختم ٿي ويا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائين ٿا، جيڪي وزيراعظم آفيس مان لاڳاپيل ??د??رن ڏانهن وڃن ٿيون، ڪامياب جوان پروگرام ۽ سٽيزن پو??ٽل جهڙن عوامي خدمتن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم آفيس ۾ پ??ڪس??ان سٽيزن پو??ٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پ??ڪس??ان سٽيزن پو??ٽل جي هيلپ لائين 9000111 – 051 جو باقاعده افتتاح ڪيو. پ??ڪس??ان سٽيزن پو??ٽل جي عملد??رن وزيراعظم کي هيستائين پو??ٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، شڪايتن ۽ ازالي بابت معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پ??ڪس??ان سٽيزن پو??ٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن ان پو??ٽل ذريعي پنهنجون شڪايتون داخل ڪيون آهن، ان تي سٽيزن پو??ٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته عوام پاران حڪومتي اد??رن جي حوالي سان شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي س??بن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪري اد??رن ۾ وڃي شڪايتون داخل نه ٿا ڪرائي سگهن، انهن جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي شڪايتون ڪري سگهجن.