اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين ئي طاقتور آهن، بجلي وانگر گئس جي شعبي جو گردشي قرض به وڌي رهيو آهي، درآمدي ۽ ملڪ جي اندر پيدا ٿيندڙ گئس جي قيمت ۾ تمام وڏو فرق آهي، درآمدي گئس موجوده قيمت تي ??راهم ڪرڻ جي سٽ سهي نٿا سگهون، ا??ندڙ سردين ۾ وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، گذريل 30 سالن ۾ ملڪ جي توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪا منصوبابندي نه ڪئي وئي، ماضي ۾ بروقت فيصلا نه ٿيڻ جي ڪر?? اسان جي صنعتن تي با?? پيو، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بحث ۽ مباحثو ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ??يٽروليم ڊويزن جي اهتمام هيٺ گئس جي گهرج ۽ رسد با??ت ”پاڪستان ۾ گئس جي وڏي مقدار ۾ ف??اهمي، استحڪام ۽ سيڪيورٽي“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سبسڊيز ڏيڻ جو مقصد غريب عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ هوندو آهي ته جئين انهن کي سستي سهولت دستياب ٿئي، ٻيو انهن علائقن لاءِ سبسڊي ڏني ويندي آهي جيڪي ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن ته جيئن في ڪس آمدني ۽ جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان قرض واپس ڪر??ون، هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين طاقتور آهن.