اسلام آباد – 17 آ??سٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مٽ??سٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر عشرت حسين، اس??يٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ مٽ??سٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽ??سٽا جي ناڻي ۾ واضح اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته مٽ??سٽا جي ناڻي جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.