اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڏورانهن علائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي ۽ بهتر ڪور??ج کي يقيني بڻائ?? تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري وز??ر، منصوبابندي واري وز??ر، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وز??ر ۽ تعليم واري وز??ر تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪور??ج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وز??ر سيد امين الحق، تعليم وارو وفاقي وز??ر شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.