اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ڪورونا وبا کان حفاظت سان گڏ??گڏ ڪاروبار زندگي جاري رکڻ جي لاءِ معيشت جو ڦيٿو هلڻ ض??وري آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ه?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام به باشعور پاڪستاني هجڻ جو ثبوت ڏيندي حڪومتي ا??س او پيز جي مڪمل پاسداري ڪري ته جيئن جزوي لاڪ ڊائون ۽ وبا کان بچي سگهجي.