اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارا ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز عملدرآمد تي ڪنهن به قسم جي نرم?? نه ڪئي ويندي، سخت انتظامي قدم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن جنهن جو مقصد حفاظتي تدبيرن جي خلاف ورزي تي سخت ڪارروائي ڪرڻي آهي ته جيئن مارڪيٽس، ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪي سگهجي، انهن شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ جو خدشو سڀ کان وڌيڪ آهي، سمورن صوبن ۾ عوام کي اهو واضح پيغام پهچايو وڃي ته حڪومت سماجي فاصلن ۽ حفاظتي تدبيرن جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف انتظامي ڪارروايون شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ?? اجلاس جي صدارت ڪندي ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي رابطا ڪميٽي ميٽنگ جي منٽس ۾ ان ڳالهه جي تصحيح ڪ??ي وئي ته رضاڪاراڻي طور تي حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۽ خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت قدمن کي يقيني بڻايو وين??و، ان ڏس ۾ اين سي سي جي سمورن صوبن ??ي ڀرپور حمايت حاصل آهي، واپارين کي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻو پوندو ۽ عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.