اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ??يو آهي ته ??يلٿ ورڪرز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان حڪومت انهن جي حفاظت کي اولين ترجيح ڏي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هيلٿ وارو وفاقي سيڪريٽ??ي عامر اشرف خواجه ۽ ڊي جي هيلٿ پڻ ساڻس گڏ هئ??. خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ??ورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري انتظامن ۽ قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر درپيش چئلينجز ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني.