ميانوالي – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماڊل پوليس اسٽيشن پوري پنجاب لاءِ مثال هوندي، اسان کي پنجاب ۾ ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪرڻو آهي ان لاءِ آءِ جي پنجاب کي وفاقي حڪومت طرفان هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، انگريز دور جو نظام تبديل ڪرڻو آهي، ماضي ۾ ٿاڻي ڪچهري کي پنهنجي سياسي مخالفن ج?? خلاف استعمال ڪيو ويندو رهيو، اسان پنجاب پوليس کي خيبرپختونخوا وا??گر بڻائينداسين ته جيئن ماڻهو ان تي اعتماد ڪر?? سگهن، ميانوالي ۾ ماڊل پوليس اسٽيشن ج?? افتتاح جي مو??عي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ان ماڊل پوليس اسٽيشن ج?? قيام تي هو پوليس کاتي کي خراج تحسين پيش ڪر??ون ٿا.