اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقلي جي پاليسي ايندڙ هفت?? دوران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي ته جئين براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي اينالاگ سان ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ دوران ڪيو، جيڪو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد امين الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿي??.