اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ عوام ۾ اعتماد جو فروغ لازمي آهي، اڌ ٽيڪس اوڳاڙيون قرضن جي ادائ??گي ۾ خرچ ٿي وڃن ٿيون، ماڻهن وٽ پئسو آهي پر اسان انهن کي ٽيڪس نظام ۾ شامل نه ڪري سگهاسين، اسان کي ٽيڪس ادائ??گي کي قومي فرض سمجهڻو پوندو، ٽيڪس اوڳاڙيون نه وڌايون ويون ته سخت ما??ي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، جهڙي طرح اسان هلي رهيا آهيون اهڙي طرح ملڪ اڳتي نه ٿو وڃي سگهي، جيستائين حڪومت تي اعتماد نه هوندو ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي ??ر آفيسرن کي خطاب ڪندي ڪيو.