اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??مارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم ڪيل فضائي پل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب ??مارات مان شيڊيول موجب هڪ امدادي اڏام نور خا?? ايئربيس راولپنڊي پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب ??مارات مان هيستائين مجموعي طور تي 19 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب ??مارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهي.