اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? قوم اڄ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي ت?? پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ??رو??ت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيا??ي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيندي ??سان کي اڄ 1965ع جي جذبي جي ??رو??ت آهي. قوم جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.