پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي ??وق??ي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي ح??ايت جاري رکنداسين، والاريل ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪشميري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪ??مت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني ح??ثيت کي تبديل ڪري نه رڳو والاريل ڪشمير جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو مله??ئي دنيا کي باور ڪر??ئي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي ح??ايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪ??مت جو والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني ح??ثيت تبديل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ک??يل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني ح??ن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.