اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي اي??وائيس تي ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب فوت ٿيندڙ چيني شهرين کي پ??ڪس????ن حڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ تمغه پ??ڪس??ان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽن چيني شهرين کي تمغه پ??ڪس??ان ڏيڻ جي اي??وائيس صدر کي موڪلي هئي. چيني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آهي. چيني رهواسين کي چين پ??ڪس??ان دوستي جي لاءِ عظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.