اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روزيدا??ن جي لاءِ وڏي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪندي عيد تائين 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 550 مان گهٽ ڪري پنجا?? ۾ 400 رپيا ۽ رمضان بازار ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا مقرر ڪ??ڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته باقي صوبا به ا??ي قيمتون مقرر ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪن. هن هدايت ڪئي ته پنجاب اٽي ۽ کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي امداد ڪري. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضرورت موجب بلوچستان کي اضافي ادائيگي ڪندي.