اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿي??سي??يا ۽ رت جي ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض کان بچاءُ جي لاءِ احتياط ۽ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ پوليو جي خلاف ڪاميابي سان مهم هلائي وئي، غذا??ي کوٽ جو معاملو انتهائي اهم ??هي جنهن تي ??يا?? ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد عمر، ڊاڪٽر جمال ناصر، زمرد خان، پاڪستان ٿي??سي??يا ويلفيئر سوسائٽي جي عهديدارن، طبي ماهرن، غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين اهم ??خصيتن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٿي??سي??يا جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم لازمي آهن ته جيئن مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ٿي??سي??يا سميت ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر طريقي تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ٿي??سي??يا جي مرض جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر ۽ ان جا منتطمين ان حوالي سان بهترين ۽ قدر جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ٿي??سي??يا جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستاني انساني همدردي جي جذبي سان سرشار آهن ۽ ملڪ ۾ سرندي وارن جي ڪا کوٽ نه آهي، ڪورونا جي دوران سمارٽ لاڪ ڊائون سان ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ان جي ابتڙ پوري دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف هڙتالون ٿيون، موٽاپو ۽ ذيابيطس وڌي رهيا آهن جڏهن ته هيپاٽائيٽس به پکڙجي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خدا جي مخلوق جي مدد ڪندڙن کي الله ويجهو رکي ٿو. صدر چيو ته وقت سر ڪوششن ۽ علاج جي نتيجن سان ڪيترين ئي بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ پوليو جي خلاف ڪامياب مهم هلائي وئي، ڪورونا جو مقابلو ڪيو ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪورونا جي وبا دوران دنيا جي پڙهيل لکيل قومن ۾ وڌيڪ مزاحمت هئي، ان دوران اسان جي قوم ذميواري جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته غذا??ي کوٽ ۽ اس??نٽنگ هڪ سنگين مسئلو آهي جنهن تي ??يا?? ڏيڻ جي ضرورت آهي، اس??نٽنگ جا اثر سدائين رهن ٿا جڏهن ته غذا??ي کوٽ سان واڌويجهه تي منفي اثر پوي ٿو، حڪومت احساس پروگرام ۾ ان مسئلي تي پنهنجو ??يا?? ڏنو آهي. تقريب کي پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) صحيب احمد پڻ خطاب ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي اداري جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو.