اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب لاهور جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير شفقت مح??ود، چوڌري فواد حسين، غلام سرور خان، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرززق دائود آهن. لاهور ۾ پنجاب جو وڏو وزير سر??ار عثمان بوزدار وزيراعظم کي صوبي جي ا??تظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ انڊسٽريل پئڪيج جو اعلان ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم راولپنڊي، بهاولپور، ملتان ۽ ساهيوال ڊويزنن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.