اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مو?? قريشي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ??ي لاءِ ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي، گڏيل قومون ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار تي پنهنجي قراردادن تي ??ملدرآمد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير ڪشمير سان يڪجهتي ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي ??ا??ت مستقل خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن، جن ۾ قبضي هيٺ خطي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به شامل آهي، عالمي قانونن، گڏيل قومن جي منشور ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ وسيع پئماني تي ??نساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين ۽ جعلي مقابلن ۾ شهادتن جي تازي لهر کي اجاگر ڪيو. خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ڀارت پاران گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس (او – ايڇ – سي – ايڇ – آر) کي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي جاچ جي لاءِ پهچ ڏيڻ کان انڪار قابض ۽ جابر حڪومتن جي پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ ۽ جوابدهي کان بچڻ جهڙو روايتي ??ربو آهي. پرڏيهي وزير شاهه م??مو?? قريشي آر ايس ايس، بي جي پي جي قيادت پاران پاڪستان جي خلاف جنگي جنون کي تيز ڪرڻ ۽ قومي جارحيت جي ڌمڪين جو حوالو ڏيندي داخلي سطح تي ??ياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ فالس فليگ آپريشنز جو ڊرامو رچائڻ جي ماضي جي ڀارتي ??رزعمل کي بيان ڪيو.