بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ سرمائي اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر ش??ڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳو??ڻن عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن، دوستي ۽ ويجهي تعاون ت?? ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ت?? تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳو??ڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ حصيداري کي وسيع پئماني تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ اهم منصوبن ت?? عملدرآمد جي لاءِ عملي قدم جاري رکڻ ??ي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ، خاص طور تي تاريخي ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊنگ ايگريمينٽ (يو پي ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جي مڪمل حمايت کي پڻ ورجايو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان ت?? وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ قدمن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سياحت کي وڌائڻ، سڌوسنئون اڏامن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ، بئنڪنگ رابطن کي مضبوط ۽ ويزا جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳو??ڻن تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بابري ورثي بابت گڏيل فلم ۽ ازبڪ زبان ۾ پاڪستاني ڊرامن جي ڊبنگ سميت گڏيل تحقيق ۽ ميڊيا منصوبن ت?? اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. ٻنهي اڳو??ڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي معاملن ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغان صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران افغانستان جي لاءِ اقتصادي ۽ انساني امداد جاري رکڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. عملي رابطن جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي اڳو??ڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان علائقائي استحڪام سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر ۽ رابطن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني عوام ازبڪ صدر ش??ڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري تي سندس استقبال جي منتظر آهي. ٻنهي ڌرين دوري جي ٺوس نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.